يو سي آفيس تي ڇاپو، عملو فرار، رڪارڊ هٿ، جاچ جاري

يو سي آفيس تي ڇاپو، عملو فرار، رڪارڊ هٿ، جاچ جاري

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يوسي ڏيپارجه آفيس تي ڇاپو، گذريل چيئرميني دور جي ٽن سالن جو رڪارڊ هٿيڪو، چيئرمين ۽ سيڪريٽرين خلاف تفصيلي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. تعلقي ٺري ميرواهه جي  يونين ڪائونسل ڏيپارجه ۾ لکين روپين جي ڪرپشن وارين شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر ٺري ميرواهه زاهد بشير کوسو جي اڳواڻي ۾ فرسٽ سول جج خيرپور محمد قابل مهر جي نگراني ۾ يونين ڪائونسل ڏيپارجه جي آفيس تي ڇاپو هنيو ان موقعي تي سيڪريٽري ۽ ٻيو عملو فرار ٿي ويو , ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن عملدارن آفيس ۾ موجود   گذريل 3 سالن جو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ان موقعي تي سرڪل آفيسر ٻڌايو ته گذريل چيئرميني دور جي  2017 کان 2019 تائين جو ٽن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته هلندڙ سال 2020 جو رڪارڊ آفيس  مان غائب هيو جنهن لاءِ آفيس ۾ موجود جونيئر ڪلارڪ ٻڌايو ته اهو رڪارڊ اڳوڻو چيئرمين ۽ موجوده سيڪريٽري پاڻ سان گڏ  کڻي ويا آهن جنهن عمل جي وڌيڪ جاچ ڪري  سندن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو