يوٽيوب تان هڪ سال ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪمائيندڙ ٻار

هيوسٽن (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال يوٽيوب تي سڀ کان وڌيڪ رقم ڪمائيندڙ هڪ 8 سالن جو ٻار ريان ڪاجي آهي. يوٽيوب جي جاري ڪيل اعلان موجب ڪاجي 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪمائي ورتا آهن. گزريل سال به سڀ کان وڌيڪ يوٽيوب تي ڪمائي ڪندڙ هي ٻار هو جنهن 2 ڪروڙ 20 لک دالر ڪمايا هئا. ريان ڪاجي جي والدين 2015 ۾ سندس نالي سان يوٽيوب چينل ٺاهيو ۽ ان تي ٻارن جي رانديڪن بابت ڄاڻ تي مشتمل ويڊيو اپ لوڊ ڪيا ويندا هئا. هاڻي هو مختلف معاملن تي ٻاراڻي انداز ۾ معلومات تي مشتمل ويڊيو اپ لوڊ ڪري رهيو آهي. آمريڪي رياست هيوسٽن ۾ رهندڙ ريان ڪاجي جي چينل جا 2 ڪروڙ 29 لک سبسڪرائبر آهن. هن جا ڪيترائي ويڊيو اهڙا به آهن جيڪي هڪ ارب دفعا ڏٺا ويا آهن. ٻئي نمبر تي يوٽيوب ذريعي وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ چينل “ڊيوڊ پرفيڪٽ” آهي. جنهن 2 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن. هي چينل به ٽيڪساس جا ڪجهه دوست گڏجي هلائن ٿا. ٽئين نمبر تي رقم ڪمائيندڙ روس جو هڪ ٻار آهي جنهن جو نالو  اينستاسيا ردزنسڪايا Anastasia Radzinskaya آهي. جنهن هڪ ڪروڙ  80 لک ڊالر ڪمايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو