يونيورسٽي ۾ فلم ڏسڻ وارو واقعو،وزير جو نوٽيس

يونيورسٽي ۾ فلم ڏسڻ وارو واقعو،وزير جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لياري يونيورسٽي ۾ فيسٽيول دوران ڀارتي فلم ڏيکارڻ متعلق سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبر جو معاملو ، يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو پاران واقعي جو نوٽس وٺندي معاملي جي تحقيقات ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊز عبدالفتاح بلو جي سربراهي ۾ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. سنڌ جي يونيورسٽيز واري وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته ڪميٽي لياري يونيورسٽي ۾ فيسٽيول دوران ڀارتي فلم ڏيکارڻ جي تحقيقات ڪري 14 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي، تحقيقات مڪمل ٿيڻ بعد ذميداران خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سموريون سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون پنهنجي شاگردن کي تقريبات ۾ اهڙيون غير اخلاقي شيون ڏيکارڻ کان پاسو ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو