ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي گوجرانوالا زون هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي يونان جي ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انتهائي گهربل انساني اسمگلر ثاقب ججا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ريڊ بڪ ۾ شامل انتهائي گهربل انساني اسمگلر ثاقب ججا کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جيڪو بدنام خرم ججا گينگ جو اڳواڻ آهي، جيڪو يونان جي ٻيڙي حادثي سان لاڳاپيل 14 ڪيسن ۾ گهربل هو.گرفتار جوابدار غير قانوني طور تي 14 پاڪستانين کي لبيا ذريعي يونان موڪليو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 قيمتي جانيون ضايع ٿيون، 5 متاثرين کي ملڪ بدر ڪيو ويو، جڏهن ته 4 ماڻهو سخت تشدد برداشت ڪرڻ کان پوءِ بچي ويا.جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ هڪ سال تائين ايران ۾ لڪيل رهيو ۽ وطن واپسي تي جعلي ضمانت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ايف آءِ اي هاءِ ڪورٽ مان رد ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.










