يومِ پاڪستان،مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب

لاهور (ويب ڊيسڪ)يوم پاڪستان جي موقعي تي لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي.پاڪ فضائيه جي چاڪ چوبند اسڪواڊ مزار اقبال تي سيڪيورٽي جا فرض سنڀالي ورتا.تقريب جو مهمان خاص ايئر وائيس مارشل سيد عمران ماجد علي هو.ان حوالي سان پاڪ فضائيه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يوم پاڪستان اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي ترجمان چيو ته فجر جي نماز کانپوءِ جشن جي شروعات پاڪستان ۽ عالم اسلام جي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن سان ڪئي وئي، عظيم شاعر ۽ فلسفي علامه اقبال جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي.پاڪ فضائيه (پي اي ايف) ستلج رينجرز جي جاءِ تي مزار اقبال تي گارڊ جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.هن چيو ته ايئر وائس مارشل عمران مجيد، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ پي اي ايف ايئرمين اڪيڊمي ڪورنگي ڪريڪ مزار اقبال تي حاضري ڏني، جتي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو