ينگ جنريشن طرفان ٻوٽا پوکڻ جي مهم جو آغاز

قاضي احمد (جاويد جتوئي) ينگ جنريشن طرفان شجر ڪاري ٻوٽا پوکڻ جي مھم جو آغاز ھائير سيڪنڊري  اسڪول قاضي احمد کان ڪيو ويو. اڳواڻن راشد خاصخيلي، وحيد کوسو، سيد غضنفر شاھ، رسول بخش ڀان، علي عباس عمراڻي طرفان  ھائيرسيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول، مين پرائمري اسڪول، مسڪين حاجي خان اسڪول ۾ ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته ملڪ کي آلودگي کان بچائڻ ۽ سرسبز ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي گهرجي ته هرڪو ماڻهو گهڻا نه صرف هڪ وڻ پوکي ته لکين وڻ پيدا ٿي سگهن ٿا. حڪومت کي به گهرجي ته ٻيلن مان واڍي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انهي جي بچاءَ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو