ياسمين راشد جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 4 ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مسلم ليگ ن جي آفيس ساڙڻ ۽ عسکري ٽاور تي حملي سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عنبر گل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالتي رمانڊ ختم ٿيڻ بعد ڊاڪٽر ياسمين راشد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت ياسمين راشد کي 24 جولاءِ تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جاچ آفيسر چيو ته ڪيسن جو چالان تياري جي مرحلي ۾ آهي، مهلت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو