وڪيل قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ جي بئنچ ٻيو ڀيرو تبديل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ قتل ٿيل وڪيل عبدالرزاق شر جي ڪيس ۾ پي ٽي آئي چيئرمين جي نامزدگي جي خلاف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ٻيو ڀيرو تبديل ڪئي وئي پي ٽي آئي چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ جوڙيل پهرين بئنچ بحال ڪئي وئي سپريم ڪورٽ جي نئين ڪاز لسٽ مطابق جسٽس مسرت هلالي ئي ٽه رڪني بئنچ جو حصو هوندي جاري ڪيل ڪاز لسٽ ۾ پي ٽي آئي چيئرمين جي درخوست تي ٻڌڻي واري بئنچ تبديل ڪئي وئي هئي سپريم ڪورٽ جي بئنچ ۾ جسٽس مسرت هلالي جي جڳهه جسٽس محمد علي مظهر کي شامل ڪيو ويو هو جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ 24 جولاءِ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس مظآهر نقوي به سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ جو حصو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو