وڪيلن پاران اسپتال تي حملي جي مذمت، حڪومت پاران ڪاروائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ دل جي اسپتال تي وڪيلن جي حملي جي هڪ پاسي سينئر وڪيلن مذمت ڪئي آهي ته ٻئي پاسي وزيراعظم تشدد ۾ ملوث وڪيلن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي. سينئر وڪيلن جو چوڻ آهي ته وڪيلن جي اهڙي پر تشدد عمل سان وڪيل برادري جا شرم کان ڪنڌ جهڪي ويا آهن. سينئر وڪيلن مطالبو ڪيو آهي ته هنگامون ڪندڙن جا لائسنس رد ڪيا وڃن ۽ ايندڙ مهيني بار جي چونڊن ۾ انهن کي اميدوار نامزد نه ڪيو وڃي.

وڪيلن جي لاهور ۾ غنڊا گردي، اسپتال تي حملو

اعتزاز احسن چيو ته وڪيلن جو ڪم تشدد ڪرن ناهي،  اسپتال اندر وارڊز ۾ وڃي ڀڃ ڊاهه تي شرم اچڻ گهرجي ۽ مان ان جي مذمت ٿو ڪريان. هن چيو ته جنوري ۾ بار جي چونڊ آهي ۽ ان م اهميت حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪڌو ڪم ڪيو ويو آهي. سينئر وڪيل بابر ستار ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته تشدد ۾ ملوث وڪيلن جا لائسنس رد ڪيا وڃن. هن چيو ته وڪيلن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه گهرجي.

https://twitter.com/Babar_Sattar/status/1204721521509502976

هڪ ٻئي سينئر وڪيل اسد رحيم خان به وڪيلن جي پرتشدد ڪارواين تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته اسپتال تي حملي جو مثال نٿو ملي.

سول سوسائٽي ۽ سينئر صحافين به ان جي مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي جي ٻن ڊاڪٽرن جي طنزيه ويڊيو وائرل ٿي جيڪا وڪيلن بابت هئي. جنهن بعد وڪيلن آءِ جي پوليس سان ملي ڊاڪٽرن تي دهشتگردي جي قانون هيٺ ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. آءِ جي انڪار ڪيو ته هنن اسپتال ٻاهران احتجاج ڪيو جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي پرتشدد ٿي ويو. ڪجهه شرپسند وڪيلن ويڊيو وارن ڊاڪٽرن کي اسپتال جي ڊيوٽي روم، ايمرجنسي، آپريشن ٿيٽر ۽ وارڊز ۾ ڳولڻ شروع ڪيو. هنن اسپتال جا شيشا ڀڳا، اسٽاف کي گاريون ڏنيون ته عملو جان بچائي لڪڻ لڳو. ڊاڪٽرن صحافين تي به تشدد ڪيو ، ڪيمرا ۽ فون کسي کين مار ڪٽ ڪئي. پوليس آئي ته پوليس وين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ اسپتال ميدان جنگ بڻجي وئي. بر وقت علاج نه ٿيڻ تي هڪ عورت فوت ٿي وئي. ڪيترائي مريض خوف وچان ڊرپ لڳل هئڻ باوجود به وارڊن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ مريضن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. ياد رهي ته وڪيل گذريل مهيني دوا وٺڻ ويا هئا ۽ لائين مان نڪري اڳ ۾ آيا ته ڊاڪٽرن کين منع ڪئي جنهن تان وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو ٿيو. جنهن بعد وڪيلن ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪرايو. جنهن بعد گذريل ڏينهن ڊي ايس پي آفيس ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو ۽ ڀاڪر پاتا. اڱاري تي اوچتو ڪجهه وڪيلن ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سياست چمڪائڻ لاءِ اسپتال تي حملو ڪيو. جيڪو وڪيلن جي غنڊه گردي جو بدترين مثال آهي. پوليس کين اڳ ۾ ئي روڪي ها ته معاملو ان حد تائين نه پهچي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو