وڪيلن خلاف ڪاروائي 40 گرفتار، ذميوارن سان رعايت نه ڪريو، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لاهور ۾ دل جي اسپتال تي وڪيلن جي حملي ۽ غنڊا گردي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ذميوارن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ سڏايل هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 40 وڪيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، راجه انتظار جيڪو ايندڙ بار جي چونڊ ۾ صدر جو اميدوار آهي ان وڪيلن کي اڪسايو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير جيڪو صبح اسلام آيل هو ۽ کيس تڪڙ ۾ واپس موڪليو ويو، وزير اطلاعات، وزير صحت، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ وفاقي ڪچن ڪابينا جا وزير ۽ اهم عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم قانون ٽوڙيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو ته اسپتالن تي جنگ م به حملا نه ٿيندا آهن، انهن حملو ڪندڙن خلاف ٺوس ڪاروائي ڪري کين قوم آڏو آڻيو. مريضن کان سڃاڻپ ڪرائي ملزمن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪريو. ڇو ته اها رسم هلي پئي ته هي معاملو ڪٿي به نه رڪجندو. پنجاب حڪومت اجلاس کي وڪيلن پاران ٿيل رابطن ۽ ڪيل پيشڪشن بابت به آگاهه ڪيو ويو پر وزيراعظم چيو ته وڪيلن جو اهو قدم ناقابل معافي آهي ۽ ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. ذريعن موجب پنجاب جي وزير اطلاعات فياض الحسن چوهاڻ چيو ته حملو مسلم ليگ (ن) وارن جي منصوبه بندي جو نتيجو آهي. مون هڪ همراهه کي سڃاتو آهي. اهو ئي سبب آهي ته شهباز شريف ۽ ٻين نون ليگ وارن ان جي مذمت ڪئي آهي. انٽيلي جنس سورسز جي حوالي سان لنڊن جي اهم شخصيتن جي نمبرن تان وڪيلن کي ڪيل ڪالز جو به ذڪر ٿيو. جنهن تي وزيراعظم وڌيڪ ثبوت گڏ ڪرڻ جي هدايت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو