واٽر ڪارپوريشن جو عملو متحرڪ، پاڻي نيڪالي جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي ھدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪندي واٽر ڪارپوريشن برسات کان اڳ سڄي شهر ۾ سڪشن مشينون، ڊي واٽرنگ پمپس ۽ ٻئي مشينري کي پهچائي ڪري برسات واري پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب واٽر ڪارپوريشن انتظاميا پاران برسات کان اڳ شهر جي مختلف اھم شاهراهن ۽ مختلف ڊيپ ايريا ميٽروپول هوٽل، وزيراعليٰ هائوس، گورنر هائوس، مسلم جيمخانه، ميري ويدھر ٽاور، بلاول چورنگي، جناح ايئرپورٽ، آرٽس ڪائونسل چورنگي، پي سي هوٽل، 26 اسٽريٽ، جناح اسپتال، نرسري گورا قبرستان بلوچ ڪالوني، ايف ٽي سي فلائي اوور، يونيورسٽي روڊ، شاهراه قائدين، وزير مينشن ۽ ايم اي جناح روڊ جي مختلف هنڌن تي سموريون سڪشن مشينون، ڊي واٽرنگ پمپس سميت ٻئي مشينري کي پهچائي ڪري برسات واري پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو، ترجمان وڌيڪ چيو تہ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان شهر جو دورو ڪري پاڻي جي نيڪالي جي ڪمن جو پاڻ جائزو ورتو، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ برسات واري پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿيڻ تائين واٽر ڪارپوريشن جون گاڏيون روڊن تي موجود رھنديون ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن جو عملو 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ميئر ڪراچي جي هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪندي واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سميت ٻين سمورن مڪاني ادارن سان گڏجي برساتي پاڻي جي نيڪال جو عمل هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪري رهي آهي

وڏي وزير جو ڪراچي ۾ هيٺاهين علائقن ۽ نيو سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو
ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي جي صبح ڪراچي جو اوچتو دورو ڪري هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال واري مشينري جو جائزو ورتو ۽ نيو سيڪريٽريٽ ۾ آفيسرن جي حاضري پڻ چيڪ ڪئي. وڏي وزير تازو ئي ضلع ڏکڻ جي هيٺاهين علائقن جو دورو ڪيو جنهن ۾ انڊرپاسن، خليق الزمان روڊ، ايوان صدر روڊ، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ هاءِ ڪورٽ وچ ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو. دوري دوران هن ڏٺو ته ڪجهه علائقن ۾ واٽر بورڊ جي مشينري ۽ ٻيون سڪشن مشينون لڳل ناهن جنهن تي هن ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته مشينري جي کوٽ کي يقيني بڻائي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير نئين سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو جتي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم سندس آجيان ڪئي. دوري دوران مراد علي شاهه ڏٺو ته ڪجهه سيڪريٽري صبح ساڍي 9 وڳي آفيسن مان غير حاضر هئا. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سمورن سيڪريٽرين جي حاضري کي يقيني بڻائي ٻين اسٽاف لاءِ مثال قائم ڪن. وڌيڪ چيو ته کاتي جي سيڪريٽرين کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته هو وقت تي پنهنجي آفيسن ۾ پهچي وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو