ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ڊويزن جي چئن ضلعن جو ذاتي دورو ڪندي ڪئمپن ۽ روڊن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ متاثر ماڻهن سان پاڻ ڳالهائيندي هر ڪيمپ مان هڪ شخص کان موبائل نمبر وٺندي کين چيو ته مان ضلعي انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ هتي توهان سان ملڻ آيو آهيان ته جيئن ٻڌائي سگهان ته توهان ڪهڙين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهيو، توهان کي ڪيتري امداد ملي رهي آهي ۽ توهان جي مسئلن تي ڪيترو ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته توهان سان رابطي لاءِ هاڻي آئون موبائل نمبر وٺي رهيو آهيان ته جيئن خبر پوي ته توهان کي انتظاميا ڪهڙو جواب ڏي ٿي. هن پنهنجي دوري جي شروعات ٺٽي ضلعي مان ڪئي جتان سڌو پير پٺو ڀرسان گيل موري ڪئمپ جو دورو ڪيو. وڏي وزير اتي رهندڙ متاثرن سان ملاقات ڪئي جتي ماڻهن ٻڌايو ته کين راشن جا ٿيلها ۽ پاڻي ڏنو ويو آهي پر ڊاڪٽر شروع ۾ رڳو هڪ ڀيرو آيا. وڏي وزير ضلعي هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) سان ڳالهائيندي کيس هدايت ڪئي ته هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪئمپن جو دورو ڪري. مراد علي شاهه ڪيمپ جي هڪ رهواسي جو موبائيل نمبر ورتو ۽ کيس ٻڌايو ته هو ڪئمپ ۾ رهندڙ ماڻهن جا مسئلا ڄاڻڻ لاءِ ساڻس پاڻ رابطو ڪندو. سنڌو درياهه جي منارڪي ڊيم جي رستي تي وڏي وزير اسڪول جي ٻارن کي کيڏندي ڏٺو ته سندس گاڏي روڪڻ لاءِ ڊرائيور کي چيو ۽ ٻارن کي پنهنجي اسڪول وٺي وڃڻ لاءِ چيو ته ٻارن سندن گورنمينٽ پرائمري اسڪول گيل موري وٺي ويا. وڏي وزير مختلف ڪلاس رومز جو دورو ڪيو ۽ سندس (اسڪول) جي بينچن تي ويهندي ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ٻارن کيس گيت پڙهي ٻڌايا. وڏي وزير ٻارن کي چيو ته اهي وڌيڪ محنت ڪن ۽ تعليم ذريعي وڏو مقام حاصل ڪن. ٻارن وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندن اسڪول ۾ بجلي ناهي، جنهن تي وڏي وزير اسڪول کي سولرائيزڊ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو ٻيهر اسڪول جو دورو ڪندو. اسڪول جو دورو ڪرڻ کانپوءِ وڏو وزير گيل موري بيسڪ هيلٿ يونٽ ويو جتي ڏٺائين ته او پي ڊي هلي رهي آهي جڏهن وڏو وزير اتي پهتو ته اٽڪل 150 مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ويو هو جن ۾ اڪثر ٻوڏ متاثرن هئا. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر وڏي وزير کي ٻڌايو ته اڪثر مريض مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ ورتل آهن. ٺٽي جي دوري جي آخري مرحلي ۾ وڏو وزير سنڌو درياهه جي بند تي ويو جنهن کي گليل علائقو چيو ويندو آهي جتي بند جي ڀرسان ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. وڏي وزير متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جو طبي معائنو ڪرڻ سان گڏ بلڊ پريشر به چيڪ ڪيو. هڪ متاثر وڏي وزير کي ٻڌايو ته گذريل 15 ڏينهن ۾ متاثرن مان 5 فوت ٿي چڪا آهن جنهن تي وڏي وزير ڊي ايڇ او ۽ ضلعي انتظاميا پاران مناسب ڌيان نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير ڪيمپ جي هڪ بزرگ سان ذاتي طور رابطو ڪرڻ لاءِ موبائل نمبر ورتو. وڏي وزير ان بزرگ کان پڇيو ته هو موبائل فون ڪيئن چارج ڪري رهيو آهي؟ تنهن تي بزرگ ٻڌايو ته هو شمسي توانائي ذريعي هلندڙ مسجد مان پنهنجو موبائل چارج ڪري رهيو آهي. ٺٽي ضلعي جي دوري جي پڄاڻي تي وڏي وزير سنڌو درياهه جي منارڪي ڊيم ۽ اتي قائم ڪيمپ جو دورو ڪيو. وڏي وزير منارڪي ڪيمپ ۾ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ ذاتي طور تي سندن مسئلا ٻڌا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ او سجاول کي کين مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. وڏي وزير ڪيمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن سان وڌيڪ رابطي لاءِ موبائيل نمبر پڻ حاصل ڪيو. مراد علي شاهه منارڪي ڊيم جي ساڄي پاسي ميل 430 کان 450، اسپور T ۽ اسپور J جي حساس هنڌن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي لاڳاپيل چيف انجنيئر ٻڌايو ته ٻوڏ هن بند مان گذري وئي آهي ۽ سندن خطرناڪ هنڌن کي پٿرن سان ڀريو پيو وڃي. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي بند تي گشت جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته کيس خوشي آهي ته پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي جنهن سان ساڄي ڪناري کان پاڻي ڪڍڻ سان فائدو ٿيندو. بدين: وڏي وزير بدين جي دوري دوران لڳل ميڊيڪل ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ان کانپوءِ ڳوٺ امير علي شاهه ويجهو لوڊر جي ٽڪر سبب ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي روڊ ڪناري لڳل امدادي ڪيمپ تي ويٺل منور سميع سان تعزيت ڪئي. وڏي وزير فوت ٿيل ٻارن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪندي منور ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وڏو وزير ڪيمپ ۾ ڪافي دير تائين سوڳوار خاندان سان گڏ ويٺو رهيو. ايل بي او ڊي: سنڌ جي وڏي وزير بدين جي دوري دوران بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اسٽيڪ هولڊرن سان ملاقات ڪئي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ايل بي او ڊي نيٽ ورڪ جي ڪارڪردگيءَ بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ۽ چيف ايريگيشن انجنيئر ظريف کهيڙو ۽ ڊائريڪٽر نارا منصور ميمڻ پڻ سهڪار ڪيو. سانگهڙ ضلعي جي ڏاکڻي ۽ اڀرندي علائقن ۽ عمرڪوٽ مان پاڻي جي نيڪال لاءِ چيف انجنيئر چيو ته وانگو پتڻ (اسپنل 210RD جي ويجھو) ڍورو پراڻ ڏانهن هڪ الڳ چينل کوٽيو ويو آهي جيڪو ڄاڻايل ضلعن ۽ خاص ڪري نئون ڪوٽ شهر جيڪو نئين کوٽيل چينل جي ويجهو علائقي ۾ آهي تي ڪم شروع ڪيو آهي. هن چيو ته گندن نالن ، پلين، واٽر ڪورس ڪراسنگ ۽ ٻين لنگهن سميت مستقل نيڪال واري سسٽم جي تعمير لاءِ سروي شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته جهڏو شهر ۾ ڍورو پراڻ ۾ لڳل شگاف جي باقي حصن کي بند ڪرڻ لاءِ سمورا اپاءَ ورتا وڃن. عوامي نمائندن ٻوڏ جو پاڻي کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ تي آبپاشي کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو. بدين کانپوءِ وڏي وزير ٽنڊو محمد خان جو دورو ڪيو ۽ پوءِ حيدرآباد روانو ٿيو. وڏي وزير مختلف ضلعن جو دورو ڪندي علائقن جي چونڊيل نمائندن کي ساڻس گڏ پڻ رکيو.










