وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ جي رهواسين جو سهولتن لاءِ احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ملاڪاتيار بلڙي شاه ڪريم جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺن ۾ شمار ٿيندڙ قديمي ڳوٺ جهنگ ڪاتيار زندگي جيئڻ جي سموري سهولتن کان محروم بڻيل آهي هن ڳوٺ جا رهواسي هن جديد دور ۾ به پٿرن جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن هتي جي غريب عوام سدائين پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن سنڌ ۾ 14 سال پي پي جي حڪومت رهي آهي پر هن ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي هن ڳوٺ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي هن ڳوٺ جي جر جو پاڻي کارو هئڻ سبب ڳوٺاڻان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن هن ڳوٺ ۾ نه پيئڻ جو صاف پاڻي, نه سوئي گيئس, نه ڊسپينسري, نه ڊرينج سسٽم ,نه ڳوٺ جون گهٽيون پڪيون آهن, نه نوڪريون مليون آهن مطلب ته زندگي گذارڻ جي ڪا به سهولت موجود نه آهي. هن ڳوٺ کي لڳاتار نظر انداز ڪيو پيو وڃي هن ڳوٺ جي رهواسين ڪافي دفعا پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وڏيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون پر ڪو به اڃا تائين کڙ تيل نه نڪتو آهي اڄ به حيدرآباد جهنگ ڪاتيار روڊ تي بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب سخت احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن ۾ سيٺ منور علي ڪاتيار علي محمد ڪاتيار محمد ابراهيم ڪاتيار عبدالغفور ڪاتيار امام ڏنو قمبراڻي چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته هن ڳوٺ کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن هن ڳوٺ جا رهواسي به سڪون جي زندگي گذاري سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو