وڏيرو 12 سالن جي نياڻي سان زوري شادي لاءِ تنگ ٿو ڪري، تحفظ ڏيو

ڊرگھ بالا (جي ايم لنڊ)وڏيرو جبار لغاري منهنجي 12 سالن جي نياڻي سان غير قانون طورزوري شادي ڪرڻ ٿو چاهي ۽ انڪار تي پنهنجي واٺن ۽ پوليس ذريعي تنگ پيو ڪري. اهڙو اظهار ڳوٺ شادڻ جي 12سالن جي معصوم نياڻي حڪيمان سرهيو ۽ سندس والده سنڌيار سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان بي پهڇ بي يارو مددگار آھيون اسان جو هن دنيا ۾ الله پاڪ کانسوا ٻيو ڪير به ناهي. حڪيمان جي ماءُ يونين ڪونسل ٽوڙ جي چئيرمين جبار لغاري ۽ ان جي ماڻهن تي الزام لڳائيندي چيو آھي ته جبار لغاري اسان کي گهرائي چيو آھي ته ڪيئن به ڪري حڪيمان جو سڱ ڏيو نه ته سٺو نه ٿيندو. اسان وڏيري جبار لغاري کي حڪيمان جو سڱ ڏيڻ کان جواب ڏنو آھي. جنهن بعد وڏيري جبار لغاري قصبو پوليس جي ذريعي اسان سڀني کي حراسان ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته وڏيرو پنهنجا ماڻهو به موڪلي ٿو اهي وري هر روز اسانجي گهر تي بيٺا آھن منهنجي ڌي جي عمر به ننڍي آهي پر هو زبردستي ڇوڪري جو سڱ وٺڻ ٿو چاهي. هن انساني حقن جي وزير ۽ تنظيمن کانسواءِ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪن ۽ معصوم نيننگري سان شادي جو خواهشمند وڏيري خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسانکي تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو