وڌيڪ گيس ڏيندڙ سنڌ جا 53 سيڪڙو خاندان گيس کان محروم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان کي 70 سيڪڙو گيس ڏيندڙ صوبي سنڌ ۾ 53 سيڪڙو خاندان گيس جي سهولت کان محروم آهن ۽ ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ گيس جي سهولت رڳو 47.39 سيڪڙو گهراڻن کي حاصل آهي. اهي انگ اکر 2017 ۾ ٿيل آدمشماري دوران ورتل معلومات جي بنياد تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڏنا ويا آهن. سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي رڳو 44.83 سيڪڙو گهراڻن کي واٽر سپلاءِ ، 29.76 سيڪڙو گهراڻا نلڪي يا موٽر ذريعي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪن ٿا، سنڌ جا 14.42 سيڪڙو گهراڻا گهرن کان ٻاهران پاڻي ڀري اچن ٿا، سنڌ جي ٻهراڙين جي 64.85 سيڪڙو گهراڻن کي بجلي جي سهولت هجڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي، 2017 جي ٿيل آدمشماري جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ صوبي جي ڪل 72 لک 55 هزار، 903 گهرن مان گهر اندر واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي سهولت 44.83 سيڪڙو گهراڻن کي مليل آھي جن گهراڻن جو ڪل تعداد 28 لک، 37 هزار، 949 گهراڻا آھي، جڏهن ته بجلي جي موٽر ۽ نلڪن ذريعي 29.76 سيڪڙو آبادي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪري ٿي، اهڙن گهراڻن جو تعداد 20 لک ، 25 هزار، 768 آھي، سنڌ ۾ محفوظ کوهن ذريعي 1.24 سيڪڙو گهراڻا ۽ غيرمحفوظ کوهن ذريعي 1.68 سيڪڙو گهراڻا هن دور ۾ به پاڻي حاصل ڪري وپرائي رهيا آهن، 14.42 سيڪڙو سنڌ جي گهراڻا گهرن کان ٻاهر وڃي پاڻي ڀري واپرائي ٿي. جڏهن ته ملڪ کي وڌ ۾ وڌ گيس پيدوار ڏيندڙ سنڌ صوبي جي ڪل آبادي مان رڳو 47.39 سيڪڙو گهراڻن کي رڌ پچاءَ لاءَ گيس جي فراهمي ٿيل آھي، هن دور ۾ به سنڌ جي49.50 سيڪڙو گهراڻا ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا جن جو تعداد 27 لک 42 هزار 569 گهراڻا ٿئي ٿو، سنڌ جي ڪل آبادي مان 80.44 سيڪڙو آبادي کي بجلي جي فراهمي ٿيل آھي، يعني 20 لک 49 هزار 367 گهراڻن کي اهڙي سهولت ناهي، 3 لک 77 هزار 799 گاسليٽ، 16 هزار 559 گيس ليمپ ذريعي روشني حاصل ڪن ٿا، 9 لک 36 هزار ٻين ذريعن سان روشني ڪن ٿا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سنڌ جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ ڪل گهراڻا 28 لک 45 هزار 336 گهراڻا آهن، جن مان 77.80 سيڪڙو کي پاڻي جي سهولت ناهي، 36.51 سيڪڙو گهراڻن اندر واٽر سپلاءِ جو پاڻي ملي ٿو يعني 15 لک 10 هزار 664 گهراڻن کي گهرن اندر واٽر سپلاءِ جي سهولت ناهي، 10 لک 42 هزار 684 گهراڻا نلڪن ۽ موٽرن ذريعي پاڻي حاصل ڪن ٿا، 45 هزار محفوظ کوهن ۽ 1 لک 6 هزار غيرمحفوظ کوهن ذريعي ۽ ٻيا مختلف وسيلن سان پاڻي حاصل ڪن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ 22.20 سيڪڙو گهراڻا گهرن کان ٻاهريان پاڻي ڀري واپرائن ٿا، رپورٽ موجب سنڌ جي ٻهراڙي جا 83.76 سيڪڙو گهراڻا ڪاٺين تي رڏ پچاءُ ڪن ٿا ، 11.82 سيڪڙو گهراڻن کي ئي گيس جي سهولت مليل آھي، 64.85 سيڪڙو گهراڻن ۾ روشني لاءِ بجلي جي فراهمي ٿيل آھي باقي گهراڻا ٻين وسيلن ذريعي گهرن ۾ روشني ڪن ٿا جڏهن ته سنڌ جي شهري علائقن 93.05 سيڪڙو کي گهرن اندر ئي پاڻي جي فراهمي جي سهولت آھي جن ۾ 52.80 سيڪڙو کي واٽر سپلاءِ، 31.51 سيڪڙو کي موٽر يا نلڪي ذريعي سهولت مليل آهي، شهري علائقن مان 6.95 سيڪڙو گهراڻا گهر کان ٻاهر وڃي پاڻي ڀري استعمال ڪن ٿا شهرن ۾ 81.46 سيڪڙو گهراڻا گيس ،16.68 سيڪڙو گهراڻا ڪاٺين تي رڌ پچاء ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو