ويڪسينيٽر۽ اي ايس آءِ ڀرتي ڪيسن ۾ حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي (شهزادو مستوئي) جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊوزيزن بينچ ٻن ڌار ڌار دخل ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. هڪ ڪيس ۾ عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اي ايس آءِ جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري 6 ڊسمبر تي جواب طلب ڪيو آهي. جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ صحت کاتي جي ماتحت پروگرام اي پي اي ۾ ويڪيسينيٽر طور ڀرتي لاءِ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙن 350 کان وڌيڪ اميدوارن کي نوڪري نه ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ اميدوارن اختر حسين، ڪامران علي مشوري، گل ضمير، نانڪ لال، انتظار حسين، عرفان احمد، آصف رضا شاهه ۽ عطاءُ الله پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو جنهن ۾ درخواستگذارن سنڌ جي چيف سيڪريٽري ذريعي سنڌ سرڪار، ملازمتن ۽ عام انتطام واري کاتي جي سيڪريٽري، صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ اي پي آءِ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو ته صحت کاتي 22 مارچ 2018ع تي 1733 جاين تي ويڪسينيٽر ڀرتي ڪرڻ لاءِ اشتهار ذريعي اميدوارن کان درخواستون گهرايون جنهن تحت درخواست گذارن پڻ ٻين سان گڏ درخواستون ڏنيون جنهن بعد انهن کان اين ٽي ايس ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي پر جعلسازي ذريعي کين فيل ڪيو ويو جنهن خلاف انهن چيف سيڪريٽري کي شڪايت ڪئي ته سندن جاءِ تي فيل ٿيل اميدوارن کي پاس ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو پر ان باوجود درخواست گذارن کي ملازمت نه ٿي ڏني وڃي جڏهن ته ڊيپارٽمينٽ ۾ جايون پڻ خالي پيل آهن. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ سرڪار اين ٽي ايس پاس ڪندڙ ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ اميدوارن کي اي پي اي ۾ ويڪسينيٽر طور ڀرتي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو