ويڊيو اسڪينڊل، نرس ذهني دٻاءَ جو شڪار، شهر ئي ڇڏي وئي

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو ) مريدشاخ بيسڪ ھيلٿ يونٽ کنڀڙا ۾ اعتراض جوڳي ويڊيو معاملي جو جوابدار آزاد ۽ متاثره نرس معطل ٿيڻ بعد ڊپريشن جو شڪار ٿي شهر ئي ڇڏي وئي. الزام ھيٺ آيل جوبدار ڊاڪٽر نديم اثر رسوخ استعمال ڪندي آزاد ٿي ويو ۽ الٽو نرس کي معطل ڪرائي ڇڏيو. اسٽاف نرس ڊاڪٽر روما چنو جيڪا انصاف نه ملڻ ڪري مايوس ٿي شهر ڇڏي بينظيرآباد جي شھر شاهپورجھانيا هلي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته مون سان ٿيل نا انصافي تي آواز اٿارڻ تي قلم ڌڻين جي ٿورائتي آھيان پر مان هن وقت سخت ذھني دٻاءَ جو شڪار آهيان. مونسان ھڪ پاسي ته بدڪرداري جون ڳالھيون ڪندڙ غلط ويڊيو ٺاھيندڙ جوابدار ڊاڪٽر محمد نديم بدمعاشي ڪئي جنھن کي گرفتار ڪرايو ويو ھو ۽ پوءِ ان کي آزاد ڪرائيندڙ ساٿاري ڊي.ايم حيدرعلي شاھ ويترمونکي معطل ڪري روزگار کسي ٽارچر ڪيو آهي. مونکي انھن کان خطرو آھي آئون انصاف لاءِ ڪورٽ به ويس پر مونکي انصاف نٿو ملي. هن روئندي چيو ته جيڪڏھن کيس انصاف نه مليو ته هوءَ خود ڪشي ڪري ڇڏيندي پر انسانيت ۽ نياڻين جي عزتن سان کيڏندڙ بگهڙن اڳيان آن نه مڃيندي. منھنجي موت جا ذميوار ڊاڪٽر محمد نديم ۽ گھوٽڪي ضلعي جي پي.پي.ايچ.آئي جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر حيدرعلي شاھ ھوندا. ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ مئنيجر گھوٽڪي حيدرعلي شاھ جو چوڻ آهي ته اسٽاف نرس ڊاڪٽر روماچنو خلاف ڊاڪٽر نديم  شڪايت ڪئي هئي جنھن جي ڪري مون ڊاڪٽر روما چنو کي معطل ڪيو ۽ انڪوائري رکي ھئي جنھن ۾ روما چنو حاضر ڪونه ٿي. مان ضلعي جو آفيسر آھيان جاچ ڪرڻ منھنجو حق آھي. هن منھنجي خلاف به ليگل نوٽس جاري ڪرايا آھن.اسين جاچ شفاف انداز ۾ ڪنداسين جيڪو قصور وار هوندو ان خلاف ڪاروائي ٿيندي. مقامي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر نديم کي به معطل ڪري جاچ پوءِ ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو