منهنجي عاشق کي گهڻن گهيرن مان گذرڻو پوندو، نيلم منير

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ادا ڪارا نيلم منير چيو آهي ته مونکي اڃا شادي لاءِ ڪو به ڇوڪرو پسند ناهي آيو. گهر وارا به پڇندا آهن ته ڪو پسند اٿي ته ٻڌاءِ پر مان کين چوندي آهيان ته ڪو به پسند ناهي. ويب شو ۾ ريوائنڊ ود ثمينه پيرزادو م انٽرويو ڏيندي هن وڌي چيو ته منهنجي عاشق يا دل ۾ لهڻ واري کي گهڻن گهيرن مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته سندس پري جي نظر ڪمزور آهي ۽ ڪير جيڪڏهن پري کان گذرندو آهي ته کيس خبر به ناهي پوندي. مان پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي آهيان، هڪ سوال تي هن چيو ته کيس ڪاميڊي فلمون وڻنديون آهن. هن چيو ته شادي بعد سوچيندس ته فلم انڊسٽري ڇڏيان يا نه جيڪڏهن ڇڏڻي پئي ته ڇڏي ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو