وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر شرح سود 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي بيان موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال معاشي ترقي 2 کان 3 سيڪڙو رهندي، معاشي ترقي ۾ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي اهم آهي.مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي شرح توقع موجب هيٺ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، سيپٽمبر 2025 تائين مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ لاءِ موجوده پاليسي جو تسلسل ضروري آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح 23.1 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو