ٻن لکن تي 18 لک ادئگي تي به قرض نه لٿو،نوجوان جواحتجاج

بوزداروڏا (حسين ٽانوري) ڳوٺ بگودڙو شريف جي رهواسي سيد فهيم هاشمي جو بوزداروڏا جي مشهور وياجي فيض محمد خاصخيلي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڌ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي متاثر سيد فهيم شاه هاشمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2016 ۾ ڪنهن مجبوري تحت وياجي فيض محمد خاصخيلي کان ٻه لک روپيا وياج تي ورتا هئا جيڪي ٻن سالن دوران 18 لک ڏئي چڪو آهيان پر وياجي جا پئسا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن ۽ اڃا تائين هو فون ڪري مونکان پئسا گهري تنگ ڪري رهيو آهي مون جيڪي ٽن سالن کان ڪمايا آهن پنهنجو الهه تلهه کپائي وياجي کي ڏنو آهي پر وياجي هاڻي به فون ڪري اغوا ۽ قتل جون موتمار ڌمڪيون ۽ بدتميزي ڪري رهيو آهي مذڪوره وياجي مان بوزداروڏا سميت پورو علائقي جا ماڻهوتنگ آهن هن وزير اعلى سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ان معاملي جو نوٽيس وٺي  جاچ ڪرائي مذڪوره وياجي خلاف ڪاروائي ڪري منهنجي جان ڇڏائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو