ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آئي ميئرجي چوند ۾ حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏيڻ تي وڌيڪ 6 يو سي چيئرمينز کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو آهي تفصيل موجب پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ 11 رڪني انڪوائري ڪميٽي جي سفارش تي وڌيڪ 6 چيئرمينز جي پارٽي ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو 6 چيئرمين ۾ صدر ٽائون يو سي 6 جو محمد علي رضا، عمران پارواني، ڪورنگي مان سلمان خان، ڪيماڙي مان عبدالمعيد، اورنگي ٽائون مان مڪ اختر ۽ فرنٽيئر ڪالوني جو محمد ادريس شامل آهي. برطرف 6 ميمبرن سميت پي ٽي آئي جي 32 يو سي چيئرمين ميئر جي چونڊ ۾ غير حاضر هئا سمورن ميمبرن جي پارٽي ميمبرسپ ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري کي به خط لکيو ويو آهي.
