وهاج علي پنهنجي پالتو ڪتن سان وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪار وهاج علي پنهنجي ڌيءَ ۽ پالتو ڪتن سان کيڏندي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.اداڪار وهاج علي سوشل ميڊيا تي سرگرم ضرور آهي پر هو پنهنجي ذاتي زندگي بابت تمام گهٽ مواد شيئر ڪندو آهي.تازو ئي جيو انٽرٽينمينٽ جي بلاڪ بسٽر ڊراما سيريل ’تيري بن‘ مان مرتسم پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.هن وڊيو ۾ اداڪار کي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ پالتو ڪتن سان کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو.وهاج علي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”صبح جي لازمي راند“.ياد رهي ته اداڪار وهاج علي ۽ اداڪاره يمنا زيدي جي جوڙي کي ڊرامي سيريل ”تيري بن“ مان تمام گهڻي شهرت ملي.هن جوڙي جي ڊرامي جي مداحن ۽ مداحن جي سخت گهرج سبب ڊراما سيريل ”تيري بن“ جو سيڪوئل ٺاهيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو