پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا حڪومت وفاق کي گرانٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي. بجٽ کانپوءِ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ خيبر پختونخوا جي اطلاعات واري وزير شفيق جان جو چوڻ هو ته جيسين پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات نٿي ٿئي اسان ڪٽوتي ٿيڻ نه ڏينداسين، 7 مهينن کان پي ٽي آءِ جي باني سان فيملي جي ملاقات ناهي ٿي ۽ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائي وڃي. خيبر پختونخوا جي خزاني واري مشير مزمل اسلم چيو ته اين اي سي (NEC) ميٽنگ ۾ اسان وفاق کي گرانٽس ڏيڻ جو ڪو به عهد (ڪميٽمينٽ) نه ڪيو هو، جيڪا به گفتگو ٿي هئي سا اين اي سي ميٽنگ کان اڳ ٿي هئي.










