وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ 5 خاص مددگارن جي واڌ، ميمبرن جو انگ 83 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪابينا ڊويزن وزيراعظم شهباز شريف جي 5 نون خاص مددگارن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪابينا ميمبرن جو انگ 83 ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبلي ميمبر رائو اجمل، شائسته پرويز، قيصر شيخ، محمد حامد حميد ۽ ملڪ سهيل خان کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پنج ئي خاص مددگار بنا ڪنهن پگهار ۽ مراعتن جي ڪم ڪندا، پنجن ئي جو عدو مملڪتي وزير برابر هوندو. 5 نون مددگارن کانپوءِ وزيراعظم جي خاص مددگارن جو انگ 38 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪابينا جي ڪُل ميمبرن جو انگ 83 ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا ۾ 34 وزير، 7 مملڪتي وزير، 38 خاص مددگار ۽ 4 صلاحڪار شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو