اهم تعزيتون، مرحوم علي محمد خان جو ٽيجهو ٿي ويو

 خانپورمهر(نمائندن وٽان) مرحوم سردارعلي محمد خان مهر جو ٽيجهو خانڳڙهه جي گوهر پئلس ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، پيرپاڳاري جو فرزند راشد سائين، ميرمنظور پنهور، پ پ گهوٽڪي سٽي جي اڳوڻي صدر رئيس علي اڪبر دايو سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ گڏيل عرب امارات جو راندين وارو وزير شيخ نھيان بن مبارڪ ۽ شيخ سلطان بن مبارڪ ھيليڪاپٽر ذريعي خانڳڙھ پھتا، عرب شھزادن، سردارعلي گوھر خان.مھر، علي نواز مھر، صوبائي صلاحڪار سردار محمد بخش خان مھر ۽ احمد علي خان مھر سان تعزيت ڪري ڏک جو اظھار ڪيو. اڄ ٽئين ڏينهن به تعزيتن جو سلسلو جاري رهيو. پنوعاقل جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ (جي او سي) پڻ تڏي تي اچي تعزيت ڪئي. صوبائي وزيرعبدالباری پتافي، سردار فياض احمد خان لنڊ، پي پي اڳواڻ گل محمد خان جکراڻي، اعجاز شاه شيرازي، جي يو آءِ اڳواڻ غلام الله هاليجوي، جنرل ريٽائرڊ احسان الحق ۽ ٻين پاران خانڳڙهه پھچي سردار علي محمد خان مهر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هوڏانهن اڄ ٽئين ڏينهن به خانپور مهر ۽ خانڳڙهه شهر سوڳ ۾ جزوي طور بند رهيا. ياد رهي ته حاضر سروس وفاقي وزير هوندي اڃا تائين ڪو به وفاقي وزير يا تحريڪ انصاف جو مرڪزي اڳواڻ دعا لاءِ ناهي آيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به جنازي بعد پهتو هو ۽ کيس ناصر شاهه وٺي آيو هو.

مرحوم سردارعلي محمد خان مھر جي تڏي تي تعزيت جو سلسو جاري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خانڳڙھ پھچي مھر ڀائرن سان تعزيت ڪئي.ان موقعي تي پ پ سنڌ جو صدر نثار کھڙو، مڪيش چاولا، حاجي انور مھر۽ ٻيا به وڏي وزير سان گڏ هئا. ان کان اڳ سيد خورشيد احمد شاھ، سيد ناصر شاھ، ميان مٺو، امير بخش ڀٽو، سيد جلال محمود شاهه، پير خالد احمد سلطان، غلام مرتضي جتوئي، شھريار شر، افتخار لنڊ، ڊاڪٽرعبدالڪريم مهر، پ پ ضلعي صدر ايڊووڪيٽ عبدالطيف شاهه، سميت علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن تعزيت ڪري گھري ڏک جو اظھار ڪيو. هوڏانهن سردار علي محمد خان مھر جي لاڏاڻي تي سوڳ ۾ اڄ ٻئي ڏينھن بہ خانپورمھر شھر سميت مختلف شھرن جو ڪاروبار بند آھي. ياد رهي ته علي محمد خان دل جي دوري سبب ڪالهه فوت ٿي ويو هو.

علي محمد مهر ٻين ڀائرن جي نسبت ٿڌي طبيعت جو ماڻهو هو. سندس تدفين خانڳڙهه ۾ ئي ڪئي وئي ۽ صحافين کي تدفين جي ڪوريج کان روڪيو ويو. هن کي اڱاري تي صبح جو خحري مهل سيني ۾ سور پيو ۽ ڪجهه دير ۾ فوت ٿي ويو. سندس فوتگي جي خبر ڏهين وڳي جاري ڪئي وئي. سندس موت جي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، گهوٽڪي ۽ سکر ضلعي جا ڪجهه شهر جزوي طور بند ٿي ويا. خبر ٻڌندي ئي وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ،شهري توڙي ڳوٺاڻا مهر برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ خانڳڙهه پهچي ويا. 12جنوري 1967 تي پيدا ٿيندڙ علي محمد خان مهرابتدائي تعليم بهاولپور جي صادق پبلڪ اسڪول مان حاصل ڪئي،1995 ۾ سردارعلي محمد خان مهر پنهنجي چاچي مرحوم سردار غلام محمد خان مهر جي وفات بعد خالي ڪيل سيٽ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيروايم اين اي چونڊيو،2002 واري اليڪشن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان آزاد حيثيت ۾ منتخب ٿي بعد ۾ ق ليگ جي پليٽ فارم تان وزيراعلي سنڌ چونڊيو، جيڪو تقريبن 2سال ان عهدي تي رهيو،2007واري اليڪشن آزاد حيثيت سان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو،2013 جي اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو.

مرحوم سردار علي محمد خان مهر 2018واري اليڪشن ۾ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهيو ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي ۽ وفاق وزير بڻيو. مرحوم سردارعلي محمد خان مهر ٽن ڀائرن مان ٻيو نمبرهو، وڏو ڀاءُ سردار علي گوهر خان مهر جيڪو جي ڊي اي جو اڳواڻ ۽ ايم پي اي آهي، جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ علي نواز مهر پ پ ايم پي اي آهي. سردار علي محمد خان مهر کي هڪ پٽ ۽ پنج نياڻين جي اولاد آهي، سندس پٽ احمد علي خان مهر هن وقت خانڳڙهه جي ٽائون ڪاميٽي جوچيئرمين آهي. مرحوم سرداري گهراڻي سان تعلق هجڻ باوجود سماجي سوچ جو مالڪ هيو جيڪو سماجي ڪمن ۾ اڳتي اڳتي هوندو هيو. هن پنهنجي وڏ وزارت دوران گهوٽڪي کي ڪيڊٽ ڪاليج، بس ٽرمينل، سکر کي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سميت ڪيترائي ادارا ڏنا. ڪجهه عرصو اڳ هن پنهنجي نالي سان ويلفيئر ٽرسٽ ٺاهي جنهن وسيلي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي سهائتا ڪندو هو. (هن اسٽوري لاءِ رپورٽنگ ٽيم گلشير گبول، حميد سيال، ظهير وسير، حميد ڪلادي۽ اسد مير چاچڙ تي مشتمل هئي)

پهنجو تبصرو موڪليو