وفاقي وزيرن کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي شرم ئي نٿو اچي، امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. 65 سيڪڙو گئس سنڌ مان نڪري ٿي، ان باوجود صوبي کي پنهنجي حصي جي گئس ناھي ملي رهي، سي اين جي اسٽيشنون بند آهن، ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن.ايڪسپورٽ انڊسٽري به بند ٿي رهي آهي، حڪمرانن وٽ آر ايل اين جي امپورٽ ڪرڻ جي اھليت ناهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امتياز شيخ چيو ته سخت سياري ۾ ھي ڪجهه به نه ڪري سگهندا. هاڻي جلد ئي چيو ويندو ته ڪاٺين جو بندوبست ڪيو وڃي، دنيا ۾ هنن جي ساک ايتري خراب ٿي وئي آهي جو دنيا جي ڪا به ڪمپني کين آر ايل اين جي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻه ٽرمينل موجود آهن، ٽيون ٽرمينل ٽن سالن ۾ ناهن ٺاهي سگهيا، توانائي بحران سبب ٻيا بحران پيدا ٿين ٿا، هر شيءِ امپورٽ ٿي رهي آهي، پيٽرول ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.هن چيو ته توانائي بحران جي سموري ذميواري وفاقي وزيرن تي آهي، هن چيو ته بجلي جا اگهه منجمد ڪيا وڃن، وڌيڪ واڌ نه ڪئي وڃي.عوام جي قوت خريد ختم ٿي وئي آهي. وزيراعظم جو رويو ناڪاري آهي، هو ڪنهن سان به صلاح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن ادارن کي به نه بخشيو آهي. موجوده صورتحال ۾ وزيرن جو رويو عجيب آهي، پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تي قوم کي آگاهه نه پيو ڪيو وڃي.وزيراعظم اهو ٻڌاڻ لاءِ تيار ناهي ته کيس ٻاهرين ملڪن مان ڪهڙا تحفا مليا، معاملو هاڻي وزيرن جي استعيفيٰ کان به اڳتي نڪري ويو آهي. ملڪ ۾ ايمرجنسي واري صورتحال آهي، وفاقي حڪومت کي پاڻ گهر وڃڻ گهرجي امتياز شيخ چيو ته ايس ايس جي سي ۾ گئس جي سموري پيداوار سنڌ جي آهي، اها ڪمپني سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي وڃي، سنڌ پاڪستان کي انرجي سيڪيورٽي فراهم ڪري سگهي ٿي، اينگرو ڪول جو ڪامياب تجربو آهي، ٿر ڪول پراجيڪٽ سڄي پاڪستان لاءِ مثال آهن سنڌ ۾ توانائي جا سمورا منصوبا سياسي سببن جي ڪري رد ڪيا پيا وڃن، اها سنڌ ۽ پاڪستان سان دشمني آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ امتياز شيخ چيو ته سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير مهانگائي تي قوم کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، وفاقي وزيرن کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ڪو شرم نھ ٿو اچي.هن وقت سڀ کان وڌيڪ مھانگاي اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آهي، سنڌ ۾ کاڌي پيتي جا اگهه ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نسبتاً گهٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو