وفاقي سطح تي بدلين ۽ مقرين تي پابندي لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وفاقي سطح تي بدلين جي پوسٽنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته نگران سيٽ اپ ٺهڻ تائين قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙڻ تائين هر قسم جي ٽرانسفر پوسٽنگ کي روڪيو وڃي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا جلد جوڙي ويندي.معلوم ٿيو آهي ته وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ وڏي پيماني تي ٽرانسفر پوسٽنگ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، نگران حڪومت اچڻ تائين اهڙي حرڪت کان پاسو ڪيو وڃي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت جي قيام کانپوءِ قانون ۽ پاليسي موجب ٽرانسفر پوسٽنگ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو