وفاقي حڪومت اسٽيل ملز بابت پنهنجي پاليسي واضع ڪري،ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سرڪار جي پاليسيز سبب اسٽيل ملز جا ملازم پريشان آهن، حڪومت اسٽيل ملز بابت پنهنجي پاليسي واضح ڪري، اسٽيل ملز کي مالِ غنيت سمجهي لُٽيو پيو وڃي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ ۾ بسز لاءِ سبسڊي ۾ پنهنجو حصو نه وڌو، سپر هاءِ وي بهتر ٿيو پر موٽر وي نه ٺاهيو ويو، اسان سپري هاءِ وي تي موٽر وي ٽول ٽئڪس جي اوڳاڙي تي اعتراض ورايا هئا، پ پ ايم اين اي شازيا مري وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته زيادتي واقعن تي وزيراعظم جي بيان سبب دُنيا پاڪستان تي کِلي رهي آهي، عمران نيازي عوام کان معافي وٺي، عمران خان ٻٽاڪون هڻندو هو ته آءِ ايم ايف آڏو نه جهڪندس، اقتدار ۾ ايندي ئي عالمي اداري آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو