وزيراعليٰ پنجاب ڳڙهي چاڪر پهچي اڪبر بوزدار جي تعزيت ڪئي

ميرپور ماٿيلو( ظھير وسير) وزير اعليٰ پنجاب عثمان بوزدار سکر ايئرپورٽ تان باءِ روڊ ميرپور ماٿيلو لڳ ڳڙهي چاڪر پهتو جتان هو ڳوٺ سبهڙ بوزدار پنهنجي برادري جي چڱي مڙس وڏيري علي اڪبر بوزدار جي وفات بعد سندس وارثن وٽ تعزيت لاءِ  ويو. جڏهن ته سندس مانجهاندي جي ماني پنهنجي قبيلي جي سردار رحيم بخش خان بوزدار وٽ کاڌي. منجهاندي ڪرڻ بعد هو واپس سکر لاءِ روانو ٿي ويو. وزير اعليٰ پنجاب عثمان بوزدار جو هي دورو غير سياسي ۽ غير سرڪاري دورو هو. ان موقعي تي وزيراعلي پنجاب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاهور ۾ ڊاڪٽرن ۽ وڪلين ۾ ٿيل جهيڙي جي رپورٽ جلدي جاري ڪئي ويندي اسپتال ٻيهر بحال ٿي وئي آهي گرفتاريون به ڪيو ويون آھن. وزرير اعظم جي ڀاڻيجي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلدي گرفتاري عمل ۾ اچي ويندي ۽ قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي قانون کان مٿانهون ڪير به ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو