وزيراعظم 18 مهينن ۾ رڳو اپوزيشن کي گاريون ڏنيون، ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس پي سربراهه ۽ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وزيراعظم اپوزيشن کي 18 مهينن ۾ رڳو گاريون ئي ڏنيون آهن، هو نريندر مودي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي پر اپوزيشن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کي قانونسازي جو حڪم ڏنو آهي. حڪومتي جماعت پاران اپوزيشن خلاف مسلسل سخت ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي ته جيئن اپوزيشن وارن سندن ويجهو ئي نه اچن، ٻنهي ڌرين ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪو ٻاهريون انويسٽر پنهنجا پئسا ڪيئن کڻي ايندو. هن چيو ته نيب جي خوف سبب سرڪاري آفيسرن فائيلن تي صحيحون نه پيا ڪن متان نيب پڪڙي نه وٺي. ملڪ هينئر تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، حڪمرانن کي چوان ٿو ته عوام تي رحم ڪيو وڃي، هڪ شهري جي حيثيت سان چوان ٿو ته خدا جي واسطي پاڻ ۾ گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڪڍو. هن چيو ته شاگردن يونين جي بحالي ٿيڻ گهرجي. حڪومت جي ڪنهن به ڳالهه تي مون کي يقين ناهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته زرداري کي به علاج جي ضرورت آهي بلاول کيس ملڪ کان ٻاهر وٺي وڃي، سنڌ ۾ به اهڙيون اسپتالون ٺاهيون وڃن جن ۾ زرداري ۽ ڪنهن غريب جو علاج ٿي سگهي. هن حڪومت ۾ ماڻهن جا گهر ڊاٿا پيا وڃن ڇا اها رياست مدينه آهي. هن چيو ته 28 هزار گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ انهن گهرن ۾ رهندڙن کي متبادل جاءِ به نه ڏني وئي. ان کان اڳ هو  اخباري هاڪرن کي ڏنل پنج هزار گز  ايراضي جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. جنهن ۾ نيب جي جاچ آفيسر پاران پيش نه ٿيڻ تي وڌيڪ ڪاروائي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران ڄاڻايل ريفرنس ۾ نامزد جوابدار پاڪ سر زمين پارٽي جو چيئرمين ۽ اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جيئن ئي ريفرنس جي ڪارروائي شروع ڪئي ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته نيب جو جاچ آفيسر عبدالفتح عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ڏيندي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جوابدار زين ملڪ جي وڪيل پاران حاضري کان استثنيٰ لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار خلاف عدالت پاران جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن. وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدار نيب سان  مڪمل تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي تنهن ڪري زين ملڪ جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان هن عدالت مان مطمئن ناهيو ته ان کي چئلينج ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو