وزيراعظم ۽ گيٽس ۾ رابطو، ويجهن لاڳاپن ۽ سهڪار تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين بل گيٽس سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ تعاون سان ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ان دوران وزيراعظم پاڪستان ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته پوليو ۽ موذي مرضن جي روڪٿام ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو حڪومت جي ترجيح آهي.وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت وسيلن ۾ سڀني کي شامل ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان تعاون کي ڪارائتو بڻائڻ چاهيون ٿا.ان موقعي تي بل گيٽس پوليو جي روڪٿام لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته هو پوليو جي روڪٿام لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو.وزيراعظم ۽ بل گيٽس غذائي کوٽ ۽ بيمارين کي روڪڻ لاءِ ضروري خدمتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي مائڪرو پيمينٽ گيٽ وي ريسٽ ۽ نيشنل سيونگ پروگرام جي ڊجيٽلائيزيشن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم ۽ بل گيٽس ويجهن تعاون ۽ سهڪار سان ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.ياد رهي ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پبلڪ هيلٿ ۽ ٻيا سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو