photo: google

وزيراعظم ڪرتارپور راهداري جو اڄ افتتاح ڪندو

نارووال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اڄ باقاعده طور ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم گذريل سال 28 نومبر تي ڪرتارپور راهداري جو سنگ بنياد رکيو هو اهڙي تقريب ۾ وزيراعظم جي دعوت تي ڪانگريس اڳواڻ ۽ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سدهو به شرڪت ڪئي هئي. پاڪستان حڪومت 11 مهينن جي رڪارڊ عرصي ۾ ڪرتارپور راهداري مڪمل ڪري ۽ گوردواره دربار صاحب کي دنيا جو سڀ کان وڏو گوردوار بڻائي ڇڏيو. ڪوريڊور جي افتتاحي تقريب گوردوار جي احاطي ۾ ٿيندي جنهن ۾ ڀارت سميت سڄي دنيا کان سکهه ياتري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته ڀارتي پنجاب جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سدهو سميت سکهه ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتون تقريب ۾ شرڪت ڪنديون. سکهه ياتري هن ئي بابا گورنانڪ جي 550هين جنم ڏينهن تي حڪومت پاڪستان جي طرف کان وڏو تحفو قرار ڏئي رهيا آهن ڀارتي سکهه ياترين پاران کڻي ايندڙ سوني جي پالڪي به هتي نصب ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو