وزيراعظم هر پاڪستاني کي ٻه لک روپين جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان 25 سال ان لاءِ جدوجهد ڪئي ته جيئن هر پاڪستاني کي پوڻا  2 لک روپين جي قرض هيٺيان دٻائي سگهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان 25 سال ان لاءِ جدوجهد ڪئي ته هر پاڪستاني کي پوڻا ٻه لک روپين  جي حڪومتي قرض جي وزن هيٺيان دٻائي سگهي.  قرضن جي خلاف ڪوڙي مهم هلائي تحريڪ انصاف جي حڪومت هينئر تائين 33 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي قرض کڻي چڪي آهي.قرضن جي سود سبب پگهارن جي ادائيگي کان پوءِ ترقياتي بجيٽ ته پري جي ڳالهه آهي پر هاڻ حڪومت وٽ دفاعي بجيٽ جا به پئسا نه آهن. بلاول ڀٽو چيو ته عوام کي ڪفايت شعاري جو درس ڏيندڙ عمران خان  جي حڪومت  جا شاهاڻا خرچ 28 ساله ملڪي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن. عوام کي معاشي ٽيم جو لالي پاپ ڏيندڙ عمران خان  جي حڪومت سخت شرطن تي قرض کڻي پنهنجي آمدني مان 10 کرب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي.بلاول ڀٽو چيو ته ڪڏهن به قرض نه وٺڻ جو اعلان ڪندڙ  عمران خان جي حڪومت 9 مهينن ۾ اڍائي کرب روپين تي ٻڌل ملڪي ناڻي جو 82 سيڪڙو حصو قرضن جي ادائيگين ۾ خرچ  ڪري چڪي آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت جي حالت اها آهي جو عوام ۽ واپارين جي ٽيڪسن جا 719 ارب روپيه واپس نه ڪري هڪ نئون گردشي قرض پيدا ڪري چڪي آهي. جڏهن 650 ارب روپين جي ترقياتي پروگرام مان حڪومت مالي سال جي 11هين مهيني ۾ به صرف 40 سيڪڙو خرچ ڪندي ته معاشي ترقي جا حدف ڪيئن پورا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو