وزيراعظم فاتحه لاءِ خانڳڙهه پهتو، ڪميشن نوٽيس وٺي، پي پي

گهوٽڪي/ خانپورمھر(نمائندن وٽان) وزير اعظم عمران خان وفاقي وزير علي محمد خان مهر جي عذر خواهي لاءِ سينئر پارٽي اھواڻن ۽ وفاقي وزيرن سان گڏ خانڳڙھ جي گوھر پيلس پھچي ويو. 21 مئي تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل وفاقي وزير جي ڀائرن ۽ پٽ سان هن فاتحه ڪئي. جھانگير ترين، گورنر سنڌ عمران اسماعيل، محمد ميان سومرو، فهميدا مرزا ۽ غوث بخش مھر به گڏ هئا. ان موقعي تي ايم پي اي شهريار خان مهر، شهريار خان شر، غلام رسول انڙ ۽ ٻيا به موجود هئا. فاتحه مهل بنگل خان مهر موجود هو پر بعد ۾ جڏهن سياسي ملاقات شروع ٿي ته ان مهل هو هليو ويو ۽ تحريڪ انصاف جي ميٽنگ ۾ پي پي ايم پي اي راجا خان مهر موجود هو. پاڪستان ته ڇا پر مهذب دنيا ۾ ڪٿي ڪو مثال ناهي ته حاضر سروس وفاقي وزير فوت ٿئي ۽ ان جي جنازي يا ٽيجهي تائين وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جو ميمبر نه پهچي پر هن معاملي ۾ ائين ئي ٿيو. وزيراعظم ان دوران ڪراچي آيو پر عذر تي نه آيو. هو اهڙي وقت فاتحه لاءِ آيو آهي جڏهن ننڍي چونڊ جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ نامزدگي فارم منظور ٿي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مرحوم جو پٽ احمد علي خان جنهن آزاد اميدوار طور فارم ڀرايو آهي ان کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو پر هن چيو ته هو اليڪشن کٽي پوءِ پارٽي ۾ شامل ٿيندو.

علي گوهر خان وزيراعظم جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جو ايم پي اي علي نواز مهر عرف راجا پارٽي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر جي مخالفت ڪندي جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوار احمد علي خان جي ورڪ ڪري رهيو آهي. 18 جولاءِ ٿي ٿيندڙ چونڊ لاءِ جوڙ توڙ جاري آهي. اصل مقابلو محمد بخش خان مهر ۽ سندس ڀاڻج احمد علي خان ۾ ٿيندو. علي گوهرخان. راجا مهر، پير پاڳارو ، جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف احمد علي خان جي حمايت ڪري رهيا آهن جڏهن محمد بخش خان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن پيو وڙهي. مير خالد احمد خان لنڊ به سندس حمايت ڪري رهيو آهي. هوڏانهن بلاول ڀٽو جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي ننڍي چونڊ مهم دوران وزيراعظم جي ڪابينا ميمبرن سميت آمد تي مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم ڌانڌلي جهاز وٺي گهوٽڪي پهتو آهي جنهن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وڄڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم ننڍي چونڊ ۾ مداخلت پيو ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فاٽا ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ لاءِ ڪنهن سياسي جماعت کي اعتماد ۾ نو ورتو، ڪميشن آزاد ادارو آحي حڪومت جو ماتحت ناهي، ان کي قانون تي عمل ڪرائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو