وزيراعظم سعودي عرب دوري کانپوءِ ڏيهه پهچي ويو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد خان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ڪامياب دوري بعد وطن واپس پهچي ويو.سينيٽر فيصل جاويد خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم جي وطن واپسي جو اطلاع ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران معاشي، واپاري ۽ سفارتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو پختو عزم ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته وزياعظم عمران خان سعودي قيادت جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو.وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ۽ وفد جي سطح تي ملاقاتون ڪيون جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيحون به ٿيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ۽ ان سان گڏ ٻين عمري جي سعادت پڻ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو