وزيراعظم سان سر ويون رچرڊ ۽ ديوڊ گاور جي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان سندس همعصر ناليوارن ڪرڪيٽرز سر ويون رچرڊز ۽ ڊيوڊ گاور ملاقات ڪئي ۽ ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم سان ٻنهي اڳوڻن وڏن ڪرڪيٽرز جي ملاقات دوران پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ نون رانديگرن لاءِ سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪرڻ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ڪا به کوٽ نه آهي. حڪومت نوجوان رانديگرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ٻنهي رانديگرن کي ٻڌايو ته هن ملڪ جي هر علائقي ۾ راندين جا ميدان ٺاهڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو