وزيراعظم زلزلي متاثر علائقن ۾ پهچي زخمين جي عيادت ڪئي

ميرپور (ڊيسڪ نيوز) وزيراعظم عمران خان ويجهڙائيءَ ۾ آيل زلزلي سبب متاثر ٿيل آزاد ڪشمير جي علائقن جو دورو ڪيو آهي. دوري دوران وزيراعظم ميرپور پهتو جتي هن سرڪاري اسپتال ۾ داخل زخمين جي عيادت ڪئي.

ان کان اڳ ۾ هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي کيس اين ڊي ايم اي عملدارن پاران امداد ۽ بحاليءَ بابت بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي معاملن وارو وفاقي وزير شاهه محمدو قريشي به ان موقعي تي موجود هيو.دوري دوران وزيراعظم چيو ته مونکي زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي گهڻو ڏک پهتو آهي متاثرن جي بحاليءَ خاطر امدادي پيڪيج تيار ڪري رهيا آهيون جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. ٻئي طرف اهو پڻ چيو ويو آهي ته زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 40 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو