اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڌيڪ ويجهي حڪمت عملي يعني اسٽريٽجڪ هم آهنگي تي زور ڏنو آهي ته جيئن علائقائي امن کي هٿي ملي ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌايو وڃي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن بيجنگ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهين دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون۔
اهي ڳالهيون شهباز شريف جي چين جي چئن ڏينهن واري سرڪاري دوري دوران ٿيون، جتي پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، توانائي، موسمياتي سهڪار ۽ صنعتي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ 7 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جا معاهدا ۽ ايم او يوز صحيح ڪيا آهن۔
‘واقعي گڏ رهڻو پوندو’
شهباز شريف ۽ لي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين دوران، چيو ته پاڪستان ۽ چين کي وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ آمريڪا-اسرائيل تڪرار جي پسمنظر ۾ علائقائي استحڪام بحال ڪرڻ لاءِ “واقعي گڏ رهڻو پوندو”۔ شهباز شريف چيو ته “دنيا هن وقت انتهائي نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي.” هن خبردار ڪيو ته خليج ۾ عدم استحڪام علائقائي ۽ عالمي معيشتن ٻنهي تي اثرانداز ٿي رهيو آهي۔
پاڪستان جي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشلعاصم منير پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ايران جي دوري کان پوءِ، جتي پاڪستان تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ مصروف رهيو آهي۔
مخلصاڻو ڪردار
شهباز شريف چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي لاءِ “تمام مخلصاڻو ڪردار” ادا ڪيو آهي، ۽ وڌيڪ چيو ته عاصم منير ايراني ۽ آمريڪي قيادت سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون آهن۔ “اسان اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته امن هميشه لاءِ بحال ٿيندو،” وزيراعظم چيو، جڏهن ته علائقائي امن قدمن ۽ جنگبندي جي ڪوششن جي حمايت تي چيني صدر شي جنپنگ جا ٿورا مڃيا۔
اقتصادي لاڳاپا
هن دوري ۾ سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري آڻڻ تي به خاص ڌيان ڏنو ويو۔
“ون ون ماڊل”
هينگزو ۾ پاڪستان-چين بزنس ٽو بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس دوران، شهباز شريف چيني ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي پنهنجيون صنعتون پاڪستان منتقل ڪن ۽ مقامي ڪمپنين سان گڏيل منصوبا جوڙين، جنهن کي هن ٻنهي ملڪن لاءِ “ون ون ماڊل” قرار ڏنو۔
هن چيو ته چين ۾ مزدوري جي وڌندڙ لاڳت سبب ٽيڪسٽائل، چمڙي ۽ پيداوار جهڙين صنعتن لاءِ پاڪستان ڏانهن منتقل ٿيڻ جا موقعا پيدا ٿيا آهن، جتي پيداوار جي لاڳت اڃا به مقابلي لائق آهي۔
“وزيراعظم چيو ته چيني ڪمپنيون پلانٽ ۽ مشينري آڻي سگهن ٿيون، پاڪستاني واپارين سان گڏيل منصوبا قائم ڪري سگهن ٿيون، شيون تيار ڪري ٽئين ملڪن ڏانهن برآمد ڪري سگهن ٿيون.”
معدني ذخيرا
وزيراعظم پاڪستان جي وسيع معدني ذخيرن، زرعي صلاحيتن ۽ وڌندڙ آئي ٽي جي شعبي کي به اجاگر ڪيو، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل خاص اقتصادي زونز کي فروغ ڏنو۔
هن اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪراچي ۾ 6 هزار ايڪڙن تي ٻڌل هڪ خاص اقتصادي زون تيار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ جديد انفراسٽرڪچر ۽ ون ونڊو آپريشنز هوندا، خاص طور تي چيني ڪاروبارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ۔
“اسان مهارت، تجربو ۽ سيڙپڪاري ڳولي رهيا آهيون، قرض، امداد يا خيرات نه،” شهباز شريف چيو، ۽ پائيدار اقتصادي ڀائيوارين تي پاڪستان جي ڌيان کي واضح ڪيو۔
ايم او يوز
دوري دوران ٿيل اهم معاهدن مان هڪ 1.12 ارب ڊالرن جو معاهدو هو، جيڪو چين جي Haolu Engineering and Technology Company ۽ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني وچ ۾ ڀاڻ جي پيداوار لاءِ ٿيو۔
هڪ ٻيو 10 ڪروڙ ڊالرن جو ايم او يو IBI Beijing United Information Technology Company ۽ آر آءِ سي وچ ۾ زرعي ڪيميڪلز، زرعي مشينري ۽ ملتان ۾ علائقائي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو۔
پاڪستاني عملدارن موجب، گذريل ڪجهه مهينن دوران ٿيل پاڪستان-چين ڪاروباري ڪانفرنسن ۾ 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جا 200 کان وڌيڪ معاهدا ۽ ايم او يوز تي صحيحون ٿيون آهن۔
الڳ طور پاڪستان ۽ چين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، موسمياتي تبديلي، تعليم، ميڊيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي لاڳاپن بابت 15 وڌيڪ سهڪاري دستاويزن تي به صحيحون ڪيون۔
انهن معاهدن ۾ ماحولياتي تحفظ، دهشتگردي خلاف سامان، دستاويزي فلمن جي گڏيل تياري، انساني وسيلن جي ترقي ۽ زرعي برآمدات، جن ۾ خشڪ ميوا، ٻج ۽ مڪئي جون چين ڏانهن برآمدون شامل آهن۔
سي پيڪ
ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي کي تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جنهن ۾ صنعتڪاري، ڊجيٽل تبديلي، صاف توانائي، زراعت ۽ مصنوعي ذهانت ۽ خلائي سهڪار جهڙين جديد ٽيڪنالاجين تي ڌيان ڏنو ويندو۔
شهباز شريف چيو ته چيني خلائي اسٽيشن پروگرام لاءِ پاڪستاني خلابازن جي چونڊ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي وڌندڙ حڪمت عملي گہرائي کي ظاهر ڪري ٿي۔
پاڪستاني وزيراعظم اسلام آباد ۽ بيجنگ جي لاڳاپن کي “لوهي دوستي” قرار ڏنو، جيڪا گڏيل اعتماد ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل سهڪار تي قائم آهي، جڏهن ته ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ڪري رهيا آهن۔
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي
بدين، زمين تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 قتل
سنگاپور سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري جو شڪ اتر ڪوريا تي ڇو آهي؟
”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي
نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو
اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي دوران مثبت لاڙو
ڪراچي:موٽرسائيڪل لفٽر سميت 3 جوابدار گرفتار
ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور










