ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 149.7 ملين ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 149.7 ملين ڊالرز جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي کانپوءِ ٻين عالمي مالياتي ادارن کان به فنڊنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 149.7 ملين ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي، رقم ٻن منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي.ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت جي بهتري لاءِ 78 ملين ڊالر ۽ سنڌ ۾ بئراجن جي سڪيورٽي ۽ بهتري لاءِ 71.7 ملين ڊالر فراهم ڪندو.ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 2022ع ۾ آيل تباهي واري ٻوڏ انفرااسٽرڪچر کي متاثر ڪيو، ڊيمن جي حفاظت ۽ مضبوطي لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن، ڊي اي پي پروگرام تحت شهرين ۽ مختلف فرمن کي اي-سروسز ڏنيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو