ورلڊ بئنڪ پاران سنڌ ۾ مختلف اسڪيمن تي ڪم شروع ڪرڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو (ن س )ورلڊ بئنڪ پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪيترين ئي اسڪيمن تي ٽي ڪم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ورلڊ بئنڪ اسلام آباد ۽ ڪراچي آفيس مئنيجمينٽ جي ٽيڪنيڪل اسٽاف جي ٽيم اربع واري ڏينھن تي سنڌ جي شھرن لاڙڪاڻي ۽ قمبرشهدادڪوٽ جو تفصيلي دوررو ڪيو ۽ عوام سان ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ لاڙڪاڻي ۾ ٽراما ۽ رسپونس سينٽر تيار ڪري صحت کاتي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنھن ۾ جدید طور تي سينٽر ۾ مشتمل تقریبن 50 بيڊ موجود آهن.ان طرح جا سينٽر ڪراچي، حيدر آباد ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ صرف 6 مھينن تيار ڪيا ويا آهن جنھن سان لوڪل ڪميونٽي کي ڪافي فائدو حاصل ٿيندو.ٻئي تازي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ پڻ دورو ڪري تباھ ٿيل انفرا اسٽرڪچر ۽ پيئڻ جي پاڻي وارين اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي ٽيم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تہ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ بگٽي لشڪري ۾ واٽر سپلائي اسڪيم ٺاهي ويندي جنھن مان ٽن ڳوٺن کي صاف پاڻي جي سپلائي ڪئي ويندي جڏهن تہ لاشار خان واٽر سپلائي اسڪيم کي سولر پلانٽ تي منتقل ڪيو ويندو.ان کان علاوا اڳوڻي وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳوٺ نئون ديرو ۾ هڪ روڊ، بختاور گورنمينٽ اسڪول ۽ ڪاليج، ڳوٺ ملوڪ ڪورائي کان عاقل تائين هڪ روڊ پڻ ٺاهيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو