ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورلڊ بئنڪ جي وفد ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر انجنيئر سيد صلاح الدين احمد سان واٽر ڪارپوريشن جي مرڪزي آفيس ۾ تفصيلي ملاقات ڪندي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ملاقات دوران واٽر ڪارپوريشن جو سينيئر آفيسر محمد ايوب شيخ به موجود هو، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي وفد سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي کيس شهر ۾ پاڻي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين پڻ ڏياريو.











