وحدت المسلمين پاران فلسطيني مسلمانن جي قتل عام خلاف احتجاج

ٽنڊومحمدخان (مظفر بروهي) مجلس وحدت المسلمين ۽ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ضلع ٽنڊومحمدخان پاران بيت المقدس ۽ غزا ۾ بيگناهه فلسطيني مسلمانن جي قتل عام خلاف پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مولانا محمودالحسن ، فرحان حيدر؛  محب ڀٽو  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي دهشت گردي سبب غزا ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي سوين بيگناهه فلسطيني اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هزارين معصوم ٻچا زخمي ۽ شھيد ۽  بي گهر ٿي ويا آهن اقوام متحده سميت اسلامي ملڪن جي خاموشي سان اسرائيل کي هٿي ملي رهي آهي اسين عالمي دنيا کان گهر ٿا ڪريون ته اسرائيلي حملا فوري روڪي   فلسطين جو مسئلو فوري حل ڪيو وڃي دنيا جي امن  لاء فلسطين جو مسئلو حل ڪرائڻ ضروري آهي  هنن  چيو ته هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي حملا انساني حقن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن،عالمي برادري معصوم فلسطينين تي ظلم بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،     مسجد الاقصيٰ ۾ ۽ ٻاهر فلسطينين تي حملا مذمت جوڳا آهن، خطي ۾ امن لاءِ خود مختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو