واپارين جي هڪ هٽي سارين جا اگهه گهٽجي ويا، آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند )آس پاس جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ساريال جو فصل لھندي ئي رائيس ملز مالڪن جي من مستي برقرار واپارين موسچر جي آڙ ۾ ھٿرادو اگهه گهٽائي ڇڏيا، في مڻ تي 10 کان 12 ڪلو ڪٽوتي جو سلسلو شروع انتظاميه خاموش بڻيل جڏهن ته دڪاندارن پاران من پسند اگهه مقرر ڪري مقامي زميندارن ۽ مسڪين هاري ماڻھن سان ويساھ گهاتي ڪرڻ لڳا، وياج تي رقم کڻي ٻنيون پوکيندڙ تعلقي جا غريب آبادگار ۽ هارين پارا احتجاجي مظاهرو ڪندي سرڪاري مرڪز کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Peasants protest, photo Sindhyar

تعلقي ۾ مسلسل تازو هيل سال تيز برساتون پوڻ ڪري آبادگارن جي پوکيل ساريال جي فصل کي پڻ وڏو ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. آبادگارن  ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته  ساريال جو فصل لھڻ جي سيزن ايندي ئي تعلقي جي پوري شهر جا واپاري رائيس ملز مالڪ هڪ هٽي قائم ڪئي آهي. فصلن جا اگھ هٿرادو گهٽائي ڇڏيا آهن جنهن سان وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. اسان ڊي سي ٽنڊو محمد خان اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو غلام حيدر ۽ سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي مائوسچر جي آڙ ۾ ناجائز ڪٽوتي بند ڪئي وڃي ۽ مناسب اگھ مقرر ڪرڻ سان گڏو گڏ ساريال جي فصلن جي خريداري لاء تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري سطح تي سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جيئن آبادگارن ۽ هارين کي مناسب اگھ ملي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو