ڪراچي (رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران بابرڪت ۽ مقدس رمضان المبارڪ جي مھيني جي دوران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ جون لاڳاپيل اختيارين کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله سميت سمورا چيف، سپرنٽينڊنگ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز شريڪ ھئا، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن ھدايتون ڏيندي چيو تہ رمضان المبارڪ جي دوران سڄي شهر بلخصوص مسجدن، مدرسن ۽ عبادت گاھن.جي ڀرپاسي ۾ لائينن جي صفائي، ٽٽل مين هول جي اڏاوت، سڙيل سيوريج لائينن جي مٽاسٽا ۽ پاڻي جي لائينن مان ليڪيجز ختم ڪرڻ سميت پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا ٻيا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، سي اي او واٽر ڪارپوريشن سيوريج جي سمورن ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ رمضان المبارڪ جي دوران سيوريج جو پاڻي ڪنهن بہ هنڌ بيٺل نہ هئڻ گهرجي تہ جيئن هن بابرڪت ۽ مقدس مهيني ۾ عبادت ڪندڙن ۽ نمازين کي ڪنهن بہ به قسم جي تڪليف نہ ٿئي، سي اي او واٽر ڪارپوريشن چيف انجنيئر اي اينڊ ايم کي هدايت ڪندي چيو تہ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي پابند ڪيو وڃي تہ پمپنگ اسٽيشن کي پاڻي جي فراهمي دوران لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني وڃي ۽ اوچتو بريڪ ڊائون کان پاسو ڪيو وڃي تہ جيئن شهرين کي پاڻي جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائي سگهجي، ھن انچارج هائيڊرنٽس سيل کي هدايتون جاري ڪندي چيو تہ رمضان المبارڪ دوران مسجدن، مدرسن ۽ عبادت گاهن ۾ پاڻي جا ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن، ان کان علاوه ھن سمورن ضلعن جي سپرنٽينڊنٽگ انجنيئرن کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ رمضان المبارڪ جي مهيني دوران قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، ٽائون چيئرمينن، ڊي سيز، مذهبي ۽ فلاحي تنظيمن سميت عالمن ۽ محلا ڪميٽي جي عهديدارن سان مڪمل رابطي ۾ رهن، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو تہ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ڪنھن بہ عبادت کان گهٽ نہ آھي ڇاڪاڻ تہ رمضان المبارڪ بابرڪت ۽ مقدس مهينو آهي ۽ هن مهيني ۾ مسلمان الله تعالي جي رضا لاءِ عبادت ڪندا آهن ان ڪري شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن تہ جيئن کين ڪنهن بہ پريشاني کي منهن نہ ڏيڻو پوي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين جي پريشاني اسان جي پنهنجي پريشاني آهي انڪري اسين پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود سمورا قدم مڪمل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪنداسين ڇاڪاڻ اھيو اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن بہ قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي










