واهه کي 20 فٽ گهارو،پاڻي فصل ۽ گهرن ۾ داخل

فيض گنج (رياض سولنگي) فيض گنج ڀرسان پنڌرهون واهه کي 20 فُٽ گهارو، ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، پاڻي تيزي سان ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو، پندرهون واهه کي آرڊي 107 کان اوچتو 20 فُٽ گهارو پئجي ويو، گهارو پوڻ ڪري آسپاس وارن علائقن ۾ پوکيل ووئنڻ، جوئر، ٻاجهري، تر ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، گهاري جو اطلاع ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي وارن کي ڏنو پر ڪوبه عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ مصروف آهن،

گهاري جو پاڻي تيز سان ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو آهي، گهر ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، ڳوٺاڻن چيو ته محبوب راڄپر راحب راڄپر هاشم راڄپر سميت 5ڳوٺاڻن جا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،چار ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبپاشي عملدار گهارو بند ڪرڻ لاءِ نه پهتا، انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو