واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)واشنگٽن ڊي سي کان لنڊن ويندڙ برٽش ايئر ويز جي جهاز ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع تي جهاز کي ويجهي ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي پر جهاز ۽ سمورا مسافر محفوظ رهيا. هوابازي عملدارن موجب بوئنگ 9-787 ڊريم لائنر جهاز فلائيٽ بي اي 216 طور واشنگٽن ڊي سي کان برطانيا جي هيٿرو لنڊن ايئرپورٽ تي مقامي وقت موجب شام 6 لڳي 49 منٽن تي اڏام ڪيو. اڏام جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي آگاهي ڏني ته جهاز جي ڪيبن ۾ دونهون ڀرجي ويو، اطلاع ملڻ کانپوءِ جهاز کي ويجهي هيلي فيڪس ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرايو ويو ۽ سمورن مسافرن ۽ عملي کي جهاز مان ٻاهر ڪڍيو ويو. بعد ۾، رجسٽريشن نمبر G-ZBkL سان جهاز جو مڪمل معائنو ڪيو ويو ۽ مڪمل طور تي فٽ قرار ڏنو ويو ۽ مسافرن کي انهن جي منزل ڏانهن موڪليو ويو.
