وارهه ۾ صحافي جي دوڪان ۽ خانپور ۾ گهر کي چورن جو کاٽ

وارهه/ خانپور مهر(نمائندن وٽان) وارهه ويگن اسٽاپ لڳ نامعلوم چور روازني سنڌيار اخبار جي نمائندي صحافي طالب حسين چانڊيو جي موبائل شاپ جاتالا ٽوڙي موبائليون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا. صحافي ٻڌايو ته صبح جو فون آيو دڪان تي آيس ته تالا ڀڳل پيا ھيا ۽ سامان وکريل مليو، جنهن جو پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي هوڏانهن يونين آف جنرلسٽ ۽ سنڌ صحافي سنگت طرفان صحافي سان ناانصافي جي مذمت ڪندي احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي. وارهه واپاري، دڪاندار، ٽرانسپورٽ اتحاد جي اڳواڻن محمد پنهل عباسي ,نياز حيدري چيو ته شھر ۾ چورين جون وارداتون وڌي ويون آھن جنهن تي اسين ايس ايڇ او وارهه ,ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي قمبر کي اپيل ٿا ڪريون ته شھر ۾ ٿيندڙ واقعن تي پوليس ڏوھاورين خلاف ڪاروائي ڪري. ايس ايڇ او وارهه چيو ته ٽن ڏينهن اندر چور بي نقاب ڪندس شھر ۾ ڪوبه ڏوهه نه ٿيندو پوليس ان جي ذميوارآهي.*** خانپورمھر مان آفتاب سيال موجب سرڪاري اسپتال شيخ ھمدان بن محمد ڀرسان نامعلوم چور ھندو مينگھواڙ سگنومل نانڪ رام ڪوريڪو جي گھر کي کاٽ ھڻي سون ء چاندي جا زيور 60ھزار روڪ رقم. ڪپڙا ء ٻيو گھرو سامان کڻي فرار ٿي ويا واقعي بعد مينگھواڙ برادري پاران کوجي ڪتن ذريعي چورن جا پيرا کڻايا ويا کوجي ڪتن چورن جا پيرا اسپتال ڪالوني ۾ صحت کاتي جي ملازم ڊرائيور شھزادو مھر جي گھر۾ ھنيا جتان پوليس ھڪ ڄڻي عمران پٽ شھزادو مھر کي گرفتار ڪري ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو