وائيٽ هائوس ۾ افطار ڊنر نھ ڪبو، آمريڪي مسلمان تنظيمن جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي مسلمان تنظيمن ۽ اڳواڻن اڄ وائيٽ هائوس ۾ افطار ڊنر جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪي مسلمان اڳواڻن غزه تڪرار تي آمريڪي پاليسي خلاف احتجاج ڪيو.ڪيترين ئي اسلامي تنظيمن اعلان ڪيو آهي ته اهي وائيٽ هائوس ٻاهران افطار تقريب منعقد ڪندا.رپورٽن مطابق اسلامڪ سرڪل آف نارٿ آمريڪا ۽ آمريڪي مسلمان فار فلسطين وائيٽ هائوس ٻاهران احتجاجي افطار ۾ شريڪ ٿيندا.آمريڪا ۾ اسلامي تنظيمون بائيڊن انتظاميه کان غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو