وائيس چانسلر جوابدارن جي مدد پيو ڪري، پروين رند

وائيس چانسلر جوابدارن جي مدد پيو ڪري، پروين رند

نواب شاھ (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاھ جي شاگردياڻي پروين رند ھراسمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت۾ٿي. ٻڌڻي دوران ڪيس جي فريادڻ متاثر شاگردياڻي پروين رند پيرين اگھاڙي عدالت پيش ٿي جڏھن ته  ڪيس۾نامزد ڪيل جوابدار ڊائريڪٽر نرسنگ اسڪول پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاھ غلام مصطفيٰ راجپوت پنھنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پروين رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاھ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ اسان جي ڪيس ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ھن چيو ته وائيس چانسلر جوابدارن کي سپورٽ ڪري رھيو آھي ڪيس۾نامزد ڪيل جوابدارن کي اڃان تائين معطل به نه ڪيو ويو آهي جڏھن ته اسان کي پھرين چيو ويو ته انھن کي معطل ڪيو ويندو ھن چيو ته وائيس چانسلر کي هٽايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو