هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام کي نقصان ٿيندو

نئون ديرو (ن س) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام نقصان کڻندو. نئين ديري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، سازش ڪئي پئي وئي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ قائم ڪيو وڃي، اسان گڏجي ان سازش کي ناڪام بڻايو، امير المومنين بڻجڻ جي سازشن کي به ناڪام ڪيو.هن چيو ته پ پ انهن سڀني قوتن جو مقابلو ڪيو، جن عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ چاهيو، جيڪڏهن 8 فيبروري جي چونڊن ۾ وري هڪ شخص کي اسان تي مڙهيو ويو ته عوام کي نقصان ٿيندو، توهان کي منهنجو آواز ۽ نمائندو بڻجي گهر گهر پهچڻو آهي، منهنجو پيغام ۽ منشور پهچائڻو آهي، پ پ کي ڪامياب ڪرائڻو آهي ته جيئن اهڙي حڪومت ٺاهيون جيڪا عوام جي حڪومت هجي. سندس چوڻ هو ته اسان توهان لاءِ سوچيندا آهيون، ڪم ڪندا آهيون ۽ توهان لاءِ ئي قرباني ڏيندا آهيون، ٻيا سياستدان رڳو پنهنجي لاءِ سوچيندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاسي معاشي بحران ته ٻئي پاسي سياسي بحران آهي، افغانستان جي حالتن جا اثر پاڪستان جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، ڪنهن کي ڪو احساس ۽ ڳڻتي ناهي ته عوام ڪيتري تڪليف ۾ آهي، انهن کي اندازو ناهي ته اسلام آباد ۾ ڪيل فيصلن جو اثر ڇا هوندو آهي، انهن فيصلن سبب پاڪستان ۾ تاريخي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو